Skip to main content

Posts

Bhaaji vicrander hik saday manhron g maiyrn g udher list, Aik Sabzi farosh ki khwateen udhaar kharidaron ki list

🎇🎆🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎆🎇 ھڪڙو سادو  ماڻهو  پاڙي  ۾  ڀاڄي کپائيندو  ھو ۔ ڳوٺ جون عورتون ان  ڀاڄي  واري  کان  اوڌر  تي  ڀاڄي  وٺنديون  ھيون۔ ۽ ھو اوڌر تي عورتن کي ڀاڄي ڏئي ڇڏيندو  ھو ۔ ڪنھن  کان بہ نالو نہ پڇندو ھو، بس خاموشيءَ سان پنھنجي ڪاپيءَ تي لکي ڇڏيندو ھو تہ  ڪنھن ڪيتري ڀاڄي ورتي ۔ جڏهن ڪا عورت پڇندي ھئس تہ مون ڏي ڪيترا پئسا آھن  تہ ويچارو عورت کان لِڪي ڪاپي تي ڏسي ٻڌائيندو ھو تہ  توھان ڏي ھيترا پئسا آھن ۔ عورتن کي وڏي حيرت ٿيندي ھئي تہ بغير نالي پڇڻ جي  ھي حساب صحيح ڪيئن ٿو ٻڌائي ؟ ھڪ ڏينھن عورتن کي ان راز جي خبر پئجي وئي ۔  پوءِ  عورتن خاص جي آءِ ٽي جوڙي ۽ ڀاڄي وٺڻ دوران ڪنھن طريقي سان اھا ڪاپي چورائي ورتي ڪاپي کولي ڏٺائون تہ لکيل ھو۔ جنڙي 50 ٻلي 30 نڪ چپٽي 20 ڊگهي 35 موٽي 40 ڪاري 55 وڏن ڏندن واري 20 بندري 100 گٽڪڙي 120 ڪاڻي 70 سنھڙي 45 مينھن 70 ڀولڙي 45 ڏندري 50 ماسترياڻي 70 ناسري 60 ۽ آخر ۾ ڏائڻ 200 🎇🎆🎄🎄🎄🎄🎄🎄...
Recent posts

Zamano Ubto Thiveyo Aa

🎇🎆🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎆🎇 ادا زمانو ابتو ٿي ويو...! ڪولڊ ڊرنڪ کان چانھ ڪپ مھانگو ھوٽل تي ماني 8 روپيا ته ڪيڪ پيس 10 روپيا پيٽرول کان ڊيزل مھانگي بازار مان ڪپڙن جو جوڙو 500 روپيا ته درزي وٺي ٿو 700 روپيا ڀلو ڏاند 80 ھزار روپيا ته ڀلو گڏھ ھڪ لک روپيا ڪڻڪ کان چانور وڌيڪ مھانگا ڪمند 160 روپيا مڻ ته سڪل ڪاٺيون 400 روپيا مڻ ڪورٽ جي پٽيوالي جي پگھار 50 ھزار روپيا ته بارڊر تي ڊيوٽي ڪندڙ فوجي جوان 22 ھزار ٿو کڻي. بک خاطر معمولي چوري ڪندڙ 5 پنج سال جيل ۾ پيو آ ته پيٽ ڀرائي مان غريب جو خون ڪندڙ ھفتي ۾ آزاد. اڳي ڇوڪرن وارا رشتي لاء پريشان ھوندا ھئا ۽ ھاڻي نياڻين وارا...! فروٽ ۽ سبزيون نالين جي مٿان ۽ فوٽ پاٿ تي پيون آھن ته وري جوتا ايئرڪنڊيشن ۾. وري ماڻھن جا ذھن ته ڏسو...! ڏاڙھي ۽ پٽڪي واري کي جاھل ٿا سمجھن ۽ پتلون پائڻ وارو جيڪو بيٺل پيشاب ڪري ان کي روشن خيال ۽ پڙھيل لکيل... غريب سان رشتو ڪرڻ لاء ڪو تيار ناھي پر پئسي واري کي سڏ ڪري سڱ ڏيندا پوء ڀلي نشئي ڇونه ھجي. امڙ جي دوا جي پرچي گم ٿي ويندي پر گھر واريء جي ڪپڙن جي پرچي سنڀالي ٿا رکون...!  😃😀😄 ...

Asaan Keyda Khushnaseeb Aahyon...

🎇🎆🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎆🎇 اسان ڪيڏا نہ خوشنصيب آهيون  ڇو تہ اسان ٻئي صديون ڏسندڙ اهي آخري ماڻھون آھيون  جن سياري جي راتين ۾ چُلھ جي چئوطرف ويهي ڏاڏي کان جنن ۽ ڀوتن جون آکاڻيون وڏي غور سان ٻڌيون تہ گدڙن ۽ بگهڙن جي داٻي جي خوف تي خوب ننڍون بہ ڪيون اسان اهي خوشنصيب ماڻھون آھيون  جن ڳوٺ جي گهٽين ۾ هڪ جيڏن سان ثقافتي رانديون ۽ مرد هوندي بہ  ڀينرن سان گُڏيون کيڏيون.  ٻئي صديون ڏسندڙ  اسان اهي خوش نصيب ماڻھو آھين  جن رات جو دير دير تائين چمني ٻاري ناول پڙھيا ۽ محبوبن کي خط لکيا.  محبوب سائين جا آيل سمورا خط اُٿلائي پٿلائي بار بار پڙھيا. ۽ پو۽ سانڍي رکيا اسان اهي خوش نصيب ماڻھون آھيون  جن ميٽ مليل پٽي تي الف اک لکي تعليم حاصل ڪئي  ۽ سليٽ تي بيت لکيا.  رسيس وقت سليٽ تي  ڀڳڙا رکي کاڌا.  اسڪول جي موڪل جو بيل وڃائي عيد جهڙي خوشي محسوس ڪئي. اسان اهي خوش نصيب آھيون.  جن چار آنا ۽ اٺ آنا خرچي جو بہ شام تائين انتظار ڪيو.  ۽ چار آنن ۾ ڀڳڙن سان گڏ ريوڙيون ۽ نان ڪتائي بہ ورتي...