Bhaaji vicrander hik saday manhron g maiyrn g udher list, Aik Sabzi farosh ki khwateen udhaar kharidaron ki list
🎇🎆🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎆🎇
ھڪڙو سادو ماڻهو پاڙي ۾ ڀاڄي کپائيندو ھو ۔
ڳوٺ جون عورتون ان ڀاڄي واري کان اوڌر تي ڀاڄي وٺنديون ھيون۔
۽ ھو اوڌر تي عورتن کي ڀاڄي ڏئي ڇڏيندو ھو ۔
ڪنھن کان بہ نالو نہ پڇندو ھو،
بس خاموشيءَ سان پنھنجي ڪاپيءَ تي لکي ڇڏيندو ھو تہ ڪنھن ڪيتري ڀاڄي ورتي ۔
جڏهن ڪا عورت پڇندي ھئس تہ مون ڏي ڪيترا پئسا آھن تہ ويچارو عورت کان لِڪي ڪاپي تي ڏسي ٻڌائيندو ھو تہ توھان ڏي ھيترا پئسا آھن ۔
عورتن کي وڏي حيرت ٿيندي ھئي تہ بغير نالي پڇڻ جي ھي حساب صحيح ڪيئن ٿو ٻڌائي ؟
ھڪ ڏينھن عورتن کي ان راز جي خبر پئجي وئي ۔
پوءِ عورتن خاص جي آءِ ٽي جوڙي ۽ ڀاڄي وٺڻ دوران ڪنھن طريقي سان اھا ڪاپي چورائي ورتي ڪاپي کولي ڏٺائون تہ لکيل ھو۔
جنڙي 50
ٻلي 30
نڪ چپٽي 20
ڊگهي 35
موٽي 40
ڪاري 55
وڏن ڏندن واري 20
بندري 100
گٽڪڙي 120
ڪاڻي 70
سنھڙي 45
مينھن 70
ڀولڙي 45
ڏندري 50
ماسترياڻي 70
ناسري 60
۽ آخر ۾
ڏائڻ 200
🎇🎆🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎆🎇
Comments
Post a Comment