🎇🎆🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎆🎇
اسان ڪيڏا نہ خوشنصيب آهيون
ڇو تہ اسان ٻئي صديون ڏسندڙ اهي آخري ماڻھون آھيون
جن سياري جي راتين ۾ چُلھ جي چئوطرف ويهي ڏاڏي کان جنن ۽ ڀوتن جون آکاڻيون وڏي غور سان ٻڌيون تہ گدڙن ۽ بگهڙن جي داٻي جي خوف تي خوب ننڍون بہ ڪيون
اسان اهي خوشنصيب ماڻھون آھيون
جن ڳوٺ جي گهٽين ۾ هڪ جيڏن سان ثقافتي رانديون ۽ مرد هوندي بہ ڀينرن سان گُڏيون کيڏيون.
ٻئي صديون ڏسندڙ
اسان اهي خوش نصيب ماڻھو آھين
جن رات جو دير دير تائين چمني ٻاري ناول پڙھيا ۽ محبوبن کي خط لکيا. محبوب سائين جا آيل سمورا خط اُٿلائي پٿلائي بار بار پڙھيا. ۽ پو۽ سانڍي رکيا
اسان اهي خوش نصيب ماڻھون آھيون
جن ميٽ مليل پٽي تي الف اک لکي تعليم حاصل ڪئي
۽ سليٽ تي بيت لکيا.
رسيس وقت سليٽ تي
ڀڳڙا رکي کاڌا.
اسڪول جي موڪل جو بيل وڃائي عيد جهڙي خوشي محسوس ڪئي.
اسان اهي خوش نصيب آھيون.
جن چار آنا ۽ اٺ آنا خرچي جو بہ شام تائين انتظار ڪيو.
۽ چار آنن ۾ ڀڳڙن سان گڏ ريوڙيون ۽ نان ڪتائي بہ ورتي .
جيڪا ڀائرن ۽ ڀينرن سان ونڊي ورهائي کاڌي.
اسان اهي خوش نصيب آھيون
جن ڍڳن تي هر هلندي ڏٺو
۽ لابارن جي ونگارن ۾ حصو ورتو. لسي سان ناشتو ڪيو
۽ طاهري ڀت جا مزا ماڻيا. ڏاٽرو. رمبو. ڪوڏر. ڪهاڙي. ٽفڻ . هر . گهوٻي ۽ ڏندال جو پنهنجن هٿن سان استعمال ڪيو.
اسان اهي خوش نصيب ماڻھون آھيون
جن مٽي جي ٺھيل دلن . مٽن. نادين ۽ کلين جو ٿڌو پاڻي پيتو.
مٽي جي ٺهيل گهرن ۾ سڪون جي ننڍ ڪئي.
عيد جو چنڊ ڏسي تاڙيون وڃايون. شب برات تي ڄاٽيون ٻاريون. ڪافرن خلاف نعريبازي ڪئي.
عيد تي نوان ڪپڙا پائي ننڍي بازار کي بار بار ڦيرا ڏيئي خوشيون ملهايون.
اسان اهي خوشنصيب ماڻھون آھيون
جن مٿي کي سرنهن جو تيل مکيو.
اکين ۾ سرما وجهي شادين ۾ شرڪت ڪئي.
عيد ۽ شادي واري ڏينهن ئي ڪيپري صابڻ سان وهنجڻ نصيب ٿيو.
اسان اهي خوش نصيب ماڻھو آھيون
جن اُٺن جو ٽرانسپورٽ سسٽم ڏٺو. ۽ قطارن جي صورت
۽ گدڙن جون روڻون ٻڌيون.
اسان اهي خوش نصيب ماڻھون آھيون
جن کوھ کوٽيا. کوهن تان رسي . لانهن. ذريعي ٻوڪي ٻڌي پاڻي ڀريو. صبح سوير ٻڪريون ڇيڙيون. ٻڪرين جون کرڪيون ڳانيون ۽ رسيون ورتيون.
ٻڪرين جي ويم جي موسم ۾ ڦرڙن سان کيڏيو
اسان اهي خوش نصيب ماڻھون آھيون
جيڪي فلم ڏسندي اجي ديوگن جي محبت جي ناڪامي تي زارو قطار روئيندا رهيا سين.
۽ ڪاميابي تي اندر ئي اندر ۾ وڏا خوش ٿيا سين.
اهو بہ ڪو زمانو هو جڏھن سڀ گهرڀاتي گهر جي اڱڻ تي گڏجي سمهندا هئا سين.
هڪ ٽيبل پکو هو.
جهيڙو رڳو ان ڳالھ تي ٿيندو هو تہ هر ٻار چوندو هو پکي جي سامهون آءُ سمهان.
سج اڀرڻ سان ئي سڀني جي اک کلندي هئي.
پر پو۽ ڀي زبردستي رلي وجهي سمهي پوندا هئا سين.
اڌ رات جو ڪڏھن برسات پوندي هئي.
سڀ گهر ڀاتي جلدي جلدي کٽون اندر ڪرڻ ۾ لڳي ويندا هئا سين. صبح جو جابلو نئن مان واھ وهي ايندا هئا. ٻنا ڀرجندا هئا.
واهن ۾ وهنجندا هئا سين.
وهنجڻ بعد رُکي ماني کي مرچون مکي کائڻ جو مزو ئي پنهنجو هو.
ڏاهي ٻوچي راند. ترڪ تاڙي. ابتي تار ترڻ . ٽُٻي هڻي پاڻي اندر گم ٿي وڃڻ جا بہ مزا ئي پنهنجا هئا.
اهي رانديون رهڻ ۽ گهر جي آڳند تي گڏجي سمهڻ جو دور ئي ختم ٿي ويو .
خاندانن ۾ اهي محبتون ئي ختم ٿي ويون.
اهي رشتا ئي ٽٽي ويا.
اهو تمام خوبصورت ۽ مخلص رشتن جو دور هيو.
ماڻھون اڻ پڙھيل ضرور هئا پر سچا ۽ مخلص هئا.
هاڻ جڏھن زمانو پڙهي لکي تعليمي آفتا ٿي ويو آھي تہ اها نوڙت نہ رهي آ . ماڻھو خود غرزي ۾ گم ٿي ويا آھن
پر اسان اهي خوش نصيب ماڻھون آھيون جن ٻئي صديون ڏٺيون. ٻنهين صدين جون محروميون بہ ڏٺيون محبتون بہ ڏٺيون ۽ هاڻ نفرتون بہ ڏسون پيا.
*نوٽ: خيال پرايا سور پنهنجا*
🎇🎆🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎆🎇
Comments
Post a Comment