🎇🎆🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎆🎇
ادا زمانو ابتو ٿي ويو...!
ڪولڊ ڊرنڪ کان چانھ ڪپ مھانگو
ھوٽل تي ماني 8 روپيا ته ڪيڪ پيس 10 روپيا
پيٽرول کان ڊيزل مھانگي
بازار مان ڪپڙن جو جوڙو 500 روپيا ته درزي وٺي ٿو 700 روپيا
ڀلو ڏاند 80 ھزار روپيا ته ڀلو گڏھ ھڪ لک روپيا
ڪڻڪ کان چانور وڌيڪ مھانگا
ڪمند 160 روپيا مڻ ته سڪل ڪاٺيون 400 روپيا مڻ
ڪورٽ جي پٽيوالي جي پگھار 50 ھزار روپيا ته بارڊر تي ڊيوٽي ڪندڙ فوجي جوان 22 ھزار ٿو کڻي.
بک خاطر معمولي چوري ڪندڙ 5 پنج سال جيل ۾ پيو آ ته پيٽ ڀرائي مان غريب جو خون ڪندڙ ھفتي ۾ آزاد.
اڳي ڇوڪرن وارا رشتي لاء پريشان ھوندا ھئا ۽ ھاڻي نياڻين وارا...!
فروٽ ۽ سبزيون نالين جي مٿان ۽ فوٽ پاٿ تي پيون آھن ته وري جوتا ايئرڪنڊيشن ۾.
وري ماڻھن جا ذھن ته ڏسو...!
ڏاڙھي ۽ پٽڪي واري کي جاھل ٿا سمجھن ۽ پتلون پائڻ وارو جيڪو بيٺل پيشاب ڪري ان کي روشن خيال ۽ پڙھيل لکيل...
غريب سان رشتو ڪرڻ لاء ڪو تيار ناھي پر پئسي واري کي سڏ ڪري سڱ ڏيندا پوء ڀلي نشئي ڇونه ھجي.
امڙ جي دوا جي پرچي گم ٿي ويندي پر گھر واريء جي ڪپڙن جي پرچي سنڀالي ٿا رکون...!
😃😀😄
ماٺ نه ڪري ،،عوام،، ٻڌائڻ گھري ٿو
رڳو خيال پنھنجا گھمائڻ گھري ٿو
،،،،
🎇🎆🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎆🎇
Comments
Post a Comment