Bhaaji vicrander hik saday manhron g maiyrn g udher list, Aik Sabzi farosh ki khwateen udhaar kharidaron ki list
🎇🎆🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎄🎆🎇 ھڪڙو سادو ماڻهو پاڙي ۾ ڀاڄي کپائيندو ھو ۔ ڳوٺ جون عورتون ان ڀاڄي واري کان اوڌر تي ڀاڄي وٺنديون ھيون۔ ۽ ھو اوڌر تي عورتن کي ڀاڄي ڏئي ڇڏيندو ھو ۔ ڪنھن کان بہ نالو نہ پڇندو ھو، بس خاموشيءَ سان پنھنجي ڪاپيءَ تي لکي ڇڏيندو ھو تہ ڪنھن ڪيتري ڀاڄي ورتي ۔ جڏهن ڪا عورت پڇندي ھئس تہ مون ڏي ڪيترا پئسا آھن تہ ويچارو عورت کان لِڪي ڪاپي تي ڏسي ٻڌائيندو ھو تہ توھان ڏي ھيترا پئسا آھن ۔ عورتن کي وڏي حيرت ٿيندي ھئي تہ بغير نالي پڇڻ جي ھي حساب صحيح ڪيئن ٿو ٻڌائي ؟ ھڪ ڏينھن عورتن کي ان راز جي خبر پئجي وئي ۔ پوءِ عورتن خاص جي آءِ ٽي جوڙي ۽ ڀاڄي وٺڻ دوران ڪنھن طريقي سان اھا ڪاپي چورائي ورتي ڪاپي کولي ڏٺائون تہ لکيل ھو۔ جنڙي 50 ٻلي 30 نڪ چپٽي 20 ڊگهي 35 موٽي 40 ڪاري 55 وڏن ڏندن واري 20 بندري 100 گٽڪڙي 120 ڪاڻي 70 سنھڙي 45 مينھن 70 ڀولڙي 45 ڏندري 50 ماسترياڻي 70 ناسري 60 ۽ آخر ۾ ڏائڻ 200 🎇🎆🎄🎄🎄🎄🎄🎄...